7
Posts
4
Friends
Add Friend
Unfriend
Cancel Request
Confirm
Delete Request
You must be Signed.
Posts like
غزل__ 5
Log in to Like, Comment or Share
پيار جون پناھ گاهون
Log in to Like, Comment or Share
جڏهن روز شام جو آسمان جي وشال سيني تي سفر ڪندي ٿڪجي پيل سج افق تان اڪثر خزائن جي ڪنهن زرد پتي وانگي ڇڻي پوندو آه... See more جڏهن روز شام جو آسمان جي وشال سيني تي سفر ڪندي ٿڪجي پيل سج افق تان اڪثر خزائن جي ڪنهن زرد پتي وانگي ڇڻي پوندو آهي ۽ اونداهي جو ازدها ڌرتي جي چمڪندڙ گولي کي ڳيهڻ لڳندوآهي تڏهن تاريڪي جي اڀرندڙ ڀيانڪ پاڇن ۾ تنهنجي شهر جون آهسته آهسته روشن ٿيندڙ بتيون ڪنهن خونخوار جانور جي ٻرندڙ اکين وانگر مونکي تڪڻ لڳنديون آهن ۽ هن هيڻي ۽ هيڪل هانءُ کي هيڪاري هيسائي وجهنديون آهن.
تنهنجي مهتابي مک جو طواف ڪندي جيئندڙ هي مھجور من، ڊنل هرڻي وانگر تنهنجي پيار جون پناھ گاھون ڳولهڻ لڳندو اهي.
اهو من جيڪو تنهنجي اکين جي آشيانن ۾ آباد رهيو،ڏڪاريل ٿر جي ٽاڪ منجهد جهڙي ٻرندڙ زندگي،تنهنجي وارن جي گهاٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گذاريائين سو هاڻي هيڪل ٿي هيڪلائي جي هيبت ۾ اڌ مئو ۽ موڳو ٿي پيو آهي.
سياري جون سرد ۽ طويل راتون تنهنجي گرم ساهن جي سگرين تي سيڪجي سوين سج اڀاريندڙ منهنجو من ۽ تنهنجي ڌرتيء جيان ڪشادي سيني تي سر رکي تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جي مسرور ڪن موسيقي تي مدهوش ٿي مِٺي ننڊ سمهندڙ اکيون توکي تلاشي رهيون آهن.

سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com
Tuesday, October 6, 2015
EiD Mubark___عيد مبارڪ
Log in to Like, Comment or Share
غزل
Log in to Like, Comment or Share
غزل __2
Log in to Like, Comment or Share
See more هي ڏک ۽ ڏنڀن ، دردن جا زمانه
تنهنجي ياد ۾ ڀريل، سڏڪن جا زمانه

آهن نقش اڃا تائين هن دل جي بدن تي
توسان پيار جي پاداش ۾، پٿرن جا زمانه

رسي منهنجي وڃڻ تي،ڀڃي بند اکين جا
ڪندي آزيون وهايل، لڙڪن جا زمانه

هو پيار ٿي مهڪاروکريو جو فضا ۾
سڄي شھر هُليَل ، فسانن جا زمانه

وري ننڊ نه آئي تن اکين کي اڃا تائين
ڦريا جن کان جڏهن تو، خوابن جا زمانه

آهي منهنجو اثاثو ۽ ميراث اها خادم
چرِي چاھ ۾ گهاريل، قدمن جا زمانه

سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com
Tuesday, October 6, 2015
غزل __ 3
Log in to Like, Comment or Share
مرڪڻ تنهنجو مرهمن وانگر
اندر منهنجو زخمن وانگر

توکان ڇڄندي مون جو کليو هو
سمجهين ها هو سڏڪن وانگر

هتان و... See more
مرڪڻ تنهنجو مرهمن وانگر
اندر منهنجو زخمن وانگر

توکان ڇڄندي مون جو کليو هو
سمجهين ها هو سڏڪن وانگر

هتان وڃي پوءِ پڇين ته ها تون
ڪير رنو ٿي ٻارن وانگر

توکان پوءِ جي مينهن وٺا سي
مونکي لڳا سي لڙڪن وانگر

توکان پوءِ هي شهر سمورا
بنجي ويا آهن کنڊرن وانگر

وري ملڻ تي نانءُ پڇيو تو
موکي بڻايئه مردن وانگر

منهنجي قابل ناهين خادم
لفظ لڳا سي پٿرن وانگر 
Show less
Tuesday, October 6, 2015
4 __ غزل
Log in to Like, Comment or Share
See more توکي ڏسڻ لاء اکيون التجائون ڪنديون رهيو
پل پل تڪيندي راهون،صدائون ڪنديون رهيون

توکي پسي پرين جي. جيئنديون رهيون سدا
سجدن سُڏڪِي تولاءِ، دعائون ڪنديون رهيون

سنڌ جان لڳين ٿي سُهڻِي،اجرڪ جو چولو پهري
مخمور مست من کي،ادائون ڪنديون رهيون

ويڙهيل وار ڪُلهن تي،کولي ڇڏڻ کان پوءِ
واهه واهه ويندي ويندي، گهٽائون ڪنديون ويون

ننڊ ۾ به جاڳندي مون يادون تنهنجون ڏٺيون
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديو رهيون

تنهنجو حُڪم ته هاڻي، اکيون کَڄَن نه مونڏانهن
هر هر نهاري تو ڏي، خطائون ڪنديون رهيون

خود سان ڪري بغاوت، خادمَ ڪيون ٿي آزيون
اعتراض ڪئين هزارين،انائون ڪنديون رهيون
سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف skhadimdadahi@yahoo.com
Thursday, October 15, 2015
اسلام عليڪم
Log in to Like, Comment or Share
Log in to Like, Comment or Share
Koe h ???
Log in to Like, Comment or Share
yes............
Sunday, August 30, 2015
More Stories
Meet more users
Has 3 friends
Has 1 friend
Has 1 friend
Has 1 friend
Has 2 friends
People About
© 2017 - Rahi Book